اياز ڀاڳت

اياز ڀاڳت

اياز ڀاڳت

اياز ڀاڳت: ليکڪ، محقق ۽ سياسي ڪارڪن اياز ڀاڳت جو جنم 5 نومبر 1953ع تي حاجي گل محمد ڀاڳت جي گهر، لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. ھن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم وارهه مان حاصل ڪئي. ھن شھيد ذوالفقار علي ڀٽي کان متاثر ٿي، ننڍي عمر کان سياست ۾ حصو ورتو. 20 آگسٽ 1967ع تي شھيد ذوالفقار علي ڀٽي ’لاڙڪاڻو اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن‘ جو بنياد وڌو ته کيس وارهه تعلقي جو صدر مقرر ڪيو ويو، نتيجي طور 1968ع ۾ ھاءِ اسڪول وارهه مان بيدخل ٿيو، مگر پوءِ ذوالفقار علي ڀٽي جي مداخلت تي سندس داخلا بحال ڪئي وئي. 1972ع ۾ لاڙڪاڻو اسٽوڊنٽس آرگنائيزيش‘(L.S.O) ، جڏهن ’آزاد ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ ۾ ضم ٿي ته کيس لاڙڪاڻي ضلعي جو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. 1973ع ۾ ’سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽ‘ ٺھڻ کان پوءِ ’آزاد ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ ان جو حصو ٿي وئي ۽ ھي ضلعي جو پھريون جنرل سيڪريٽري منتخب ٿيو. 07 جولاءِ 1974ع تي سنڌ اسيمبليءَ مان سنڌي ٻوليءَ جو بل پاس ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٻولي وارا فساد شروع ٿيا ته کيس ڊي.پي.آر تحت گرفتار ڪري اٺن مھينن تائين ضلعي بدر ڪيو ويو. ھن لاٽ پبليڪيشن جي نالي سان هڪ ڪتابي سلسلو وارهه مان شروع ڪري باقاعده لکڻ جي شروعات ڪئي. روزاني ’عوامي آواز‘، ’سنڌ سجاڳ‘، ’جاڳو‘، ’ڪاوش‘، ’عبرت‘، ’آفتاب‘، ’ھلال پاڪستان‘ ۽ ٻين اخبارن ۾ مختلف موضوعن تي سندس تحقيقي، تاريخي ۽ سياسي ڪالم/ مضمون شايع ٿيل آهن. ڀٽو خاندان سان سياسي وابستگي سبب ايم. آر.ڊي تحريڪ ۾ سرگرم رھيو، پر پوءِ شھيد محترمه بينظير ڀٽو سان اختلافن سبب ممتاز علي ڀٽي جي پارٽي ’سنڌي بلوچ پشتون فرنٽ‘ ۾ شامل ٿيو.عبرت مئگزين ۾ سندس تحقيقي مضمونن جو سلسلو ’سنڌ ۽ سنڌي قبيلا ‘ گهڻو مقبول ٿيو، ان کانسواءِ ھفتيوار ”سنڌ“ مئگزين ۾ دنيا جي مختلف تھذيبن ۽ قديم آثارن/ ماڳن بابت سندس ڪيترائي تحقيقي مضمون ڇپيل آهن. ھي ’سنڌي بلوچ پشتون فرنٽ‘ ۾ پھرين ڊپٽي جنرل سيڪريٽري، ضلعي جنرل سيڪريٽري ۽ پوءِ لاڙڪاڻي شھر جو صدر ۽ مرڪزي ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”سماٽ سوکڙي“ (سماٽ تنظيم لاءِ لکيل: 1990ع)، ”عظيم سنڌ“ (1993ع)، ”سنڌ سور سھندي رھندي“ (1998ع)، ”سنڌ ۾ رھندڙ ذاتيون ۽ قبيلا“ (2004ع)، ”سنڌ ۾ رھندڙ ذاتيون ۽ قبيلا“ (سڌاريل ۽ وڌايل: 2008ع)، سنڌ ۽ ڌاريا“ (2010ع)، ”سنڌ تي حملن جي تاريخ“ (2011ع)، ”تخليق ڪائنات کان حضرت نوح تائين“ (سنڌ جي تاريخ جي سلسلي جو پھريون ڪتاب (2012ع) جنھن کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان انعام يافته قرار ڏنو ويو.)، ”سنڌ سلطنت (2013ع)، ”ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا“ (جلد پھريون: 2018ع)،”ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا“ (جلد ٻيون: 2018ع)، ”ڪاھون“ (2019ع)، ”بادشاھت جو زوال“ (2022ع) ۽ تفسير سورت العصر“ (2022ع) شامل آهن. سندس ادبي ڪاوشن جي مڃتا طور ڪافي اوارڊ ملي چڪا آھن


لفظ اياز ڀاڳتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.11.05  عيسوي

ليکڪ، محقق ۽ سياسي ڪارڪن اياز ڀاڳت جو جنم 5 نومبر 1953ع تي حاجي گل محمد ڀاڳت جي گهر، لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سلمان تاثير
قربان جيلاني
برهم گپت
ٿڌاڻي ڏيئومل گاگن مل
آصف فرخي ڊاڪٽر
حامد علي مرزا
جيسراڻي ڌرمپال
سيد حاجي مهر علي شاهه
الاهي بخش ٻانڀڻ
اندو شاهاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون